مفتي محمد عارف سعيدي

مفتي محمد عارف سعيدي : مفتي محمد عارف سعيدي ولد مولانا محمد رفيق آگسٽ 1964ع ۾ سکر ۾ پيدا ٿيو. عربي تعليم مدرسه انوار مصطفى سکر ۾ علامه مفتي محمد ابراهيم سيالوي، علامه جميل احمد اوڪاڙوي، علامه محمد بخش نظامي تونسوي ۽ مفتي محمد ابراهيم قادريءَ کان ورتائين، جڏهن ته قرآن مجيد جي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين. حديث جو علم جامع انوار العلوم ملتان ۾ علامه احمد سعيد ڪاظمي ۽ مولانا مشتاق احمد مهرويءَ کان حاصل ڪيائين. تعليم مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ جامع انوار مصطفى سکر ۾ پڙهائڻ سان گڏ انتظامي معاملن کي پڻ سنڀاليندو رهيو. هن گڏيل عرب امارات، دوها ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن جا تبليغي دورا ڪيا. سندس تصنيفن ۾ الاربعين النبويه في اثبات الصلواة الصنفيه وغيره شامل آهن. پاڻ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽيءَ جو صدر رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو